اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان سنگاپور سان ٻطرفي ۽ آسيان جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سنگاپور ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، ٻنهي طرفن جي ڪاروباري ماڻهن کي تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رکڻ گهرجي، پاڪستان آسيان جو سڀ کان پراڻو سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر آهي ۽ هو آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊالر جي آمدني متوقع آهي، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ??لڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن کي آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسان جي نوجوانن جي ص??اح??تن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير سنگاپور جي دوري جي موقعي تي اسٽريٽس ٽائيمز کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ چيو ته سنگاپور جي آزادي جي فوري پوءِ پاڪستان ان کي تسليم ڪندڙ اولين ملڪن ۾ شامل هو ۽ ٻاهرئين ??لڪ رهندر پاڪستاني ڪميونٽي شروعاتي سالن ۾ سنگاپور جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ماضي ۾ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ڪئي آهي، سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪوان يو 1988ع ۽ 1992ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1995ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان سنگاپور جو دورو ڪيو. هن چيو ته وقت سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار وڃائي ڇڏي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو پاڪستان ۽ سنگاپور جي ٻطرفن لاڳاپن جي بحالي ۽ ٻطرفي مٽاس??ا کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سنگاپور جو دورو ڪري رهيو آهي، پاڪستان سنگاپور سان گڏيل لاڳاپن کي سمورن رخن ۾ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند اهي، ٻنهي طرفن جي ڪاروباري ماڻهن کي تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رکڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ نوجوان سياسي اڳواڻ طور آئون اهو محسوس ڪريان ٿو ته دنيا کي پاڪستان بابت پراڻي دقيانوسي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن جن جي لاءِ پهريون قدم پاڪستان جي خلاف ٽريول ايڊوائيزري کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دنيا کي هڪ اميد ڀريل اڀرندڙ مارڪيٽ طور تي اسان کي وڌيڪ معروضي طور تي ڏسڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي 220 ملين آبادي مان 114 ملين آبادي 25 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 2021ع ۾ پاڪستان اي ڪامرس مارڪيٽ ۾ 45 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته جرمن ريسرچ فرم سنيسڪا موجب پاڪستان جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊلر جي آمدني متوقع آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي فري لانسرز آءِ ٽي، ٽيڪام، اي ڪامرس، ڊيٽا ايناليٽڪس، مالياتي خدمتن، موسيقي ۽ صحت ۾ خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ??لڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن کي آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسان جي نوجوانن جي ص??اح??تن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا.
متعلقہ مضامین
-
انسٹنٹ میسجنگ گیمز آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
میجک لنکس زیوس آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
Musharraf seems recovering from medical complications
-
Tareen got over Rs99.6m loans written off: SBP
-
Poor MPs, ministers finally get a pay raise
-
سلاٹ مشین آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل رہنمائی
-
موئے تھائی چیمپئن آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
امریکن بلیک جیک ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ لنکس کی دنیا میں ایک نیا انقلاب
-
ڈیڈ آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی کتاب: تفریحی دنیا کا ایک نیا باب
-
رولیٹ ایپ گیم پلیٹ فارم: ایک جدید تفریحی تجربہ
-
روولیٹ ایپ گیم پلیٹ فارم: ایک جدید تفریحی تجربہ
-
RSG Electronic ایپ گیم کا سرکاری ویب سائٹ مکمل تفصیلات اور ڈاؤن لوڈ گائیڈ