اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بدعنواني آهي، روشن پنهنجو ??هر پروگرام هڪ گيم چينجر آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي پلاٽن تي قبضن جون ڪيتريون ئي شڪايتون سامهون آيون، اسان سڄي پاڪستان ۾ قبضا گروپن جي خلاف جهاد ڪر?? رهيا آ??يون، روشن پنهنجو ??هر پروگرام تحت بئنڪ انهن کي گارنٽي ڏيندي. هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ”روشن پنهنجو ??هر پروگرام“ شروع ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪر?? رهيو هو. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان روشن پنهنجو ??هر پروگرام شروع ڪرڻ تي رضا باقر ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته هو هڪ ڊگهو عرصو مختلف ملڪن ۾ رهيو آهي ان لاءِ هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سڀ کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو، اهي اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن جڏهن ته بدقسمتي سان اسان پنهنجي ان قيمتي اثاثي مان تمام گهٽ فائدو کنيو آهي، انهن پاران پنهنجي خاندانن جي ڪفالت جي لاءِ موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي تائين ئي محدود آهيون. وزيراعظم چيو ته 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين وٽ پاڪستان جي جي ڊي پي جي برابر پئسو موجود آهي، جڏهن اسان جي حڪومت ٺهي ته اسان ان تي غور ڪيو ته ان کي ڪيئن استعمال ۾ آڻيون، جيڪو اسان سمجهندا هئاسين ته سيڙپڪاري ايندي هونهار پاڪستانين کي وطن واپس آڻينداسين، بدقسمتي سان انهن کي اهو ماحول نه ڏئي سگهياسين، هڪدم تبديلي مشڪل هوندي آهي، اسان آهستي آهستي ڪوشش ڪر?? رهيا آ??يون ته انهن کي مراعتون ڏيون جڏهن ته ان جي لاءِ وقت گهربل آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بدعنواني آهي، اهي بدعنواني کان پاڪ معاشرن ۾ ڪم ڪرڻ جا عادي ٿيڻ کانپوءِ بدعنوان معاشري ۾ ڪم نه ٿا ڪري سگهن، ڪيترائي پاڪستاني هتي آيا جڏهن ته اهي ڏکويل دل سان واپس هليا ويا، اسان ان نظام جي بهتري لاءِ ڪم ڪر?? رهيا آ??يون، سسٽم ۾ بهتري آڻي سيڙپڪاري کي تحفظ فراهم ڪنداسين، اسان انهن جي لاءِ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن، اميد آهي ته اسان جي قدمن سان بهتري ايندي. وزيراعظم چيو ته پورهيت طبقي سميت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي اها خواهش هوندي آهي ته اهي پنهنجي ملڪ ۾ ??هر ٺاهين جڏهن ته انهن جي رستي ۾ قبضا گروپ وڏي رڪاوٽ هوندا آ??ن، ڪيترن ئي ماڻهن اهڙيون شڪايتون ڪيون، اسان قبضا گروپن جي خلاف جهاد ڪر?? رهيا آ??يون. وزيراعظم چيو ته روشن پنهنجو ??هر پروگرام تحت پهريون ڀيرو بئنڪ گارنٽي ڏئ?? رهي آهي جنهن سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي اندر موجود قبضي جو خوف نه هوندو جڏهن ته وڌيڪ پلاٽس جي نالي تي جعلسازي کان به محفوظ رهندا، اهي بئنڪ کان قرض به وٺي سگهندا. هن چيو ته هي منصوبو هڪ گيم چينجر آهي ان سان ملڪ ۾ ڊالر ايندا، پاڪستان کي ڊالرن جي وڌيڪ ضرورت آهي ان سان روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ موجود فرق به اهي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ختم ڪري سگهن ٿا جڏهن ته ان سان ڪرنٽ اڪائونٽ جي مسئلن کي به ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هاڻي اسان ان رستي تي هلي پيا آ??يون ته انهن 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهون ان سان پاڪستان جي ترقي جي شرح ۾ پائيداري ايندي ڇو ته ترقي جي ڪري درآمدات وڌي ٿي ۽ پوءِ اسان کي عالمي مالياتي ادارن وٽ وڃڻو پوي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ هوشيار ماڻهن جي لاءِ پنهنجي ملڪ کي پرڪشش بڻائينداسين ته ج??ئن اهي ٻاهران پنهنجي دولت پاڪستان آڻي سگهن. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته کيس ياد آهي ته جڏهن 2009ع ۾ اسان تي پريشر هو اسان وٽ ڊالر نه هئا. اسان هن وقت سمنڊ پار پاڪستانين سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي مٽاسٽا جو ناڻو هاڻي 29 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ماهر اسان جو هدف آهن، انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ روشن ??هر اسڪيم ۾ اسٽيٽ بئنڪ ليڊرشپ ڏيکاري آهي، جهڙي طريقي سان حڪمت عملي لاڳو ڪئي وئي آهي اها ساراهه ج??ڳي آهي، ڇو ته ان ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال اهم ترين هو. ان حوالي سان وڏا فيصلا ڪيا ويا، آئون اسٽيٽ بئنڪ ۽ گورنر کي سليوٽ پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan’s missile success against India pushes US to accelerate its missile programme
-
PTI’s white paper holds no credibility: Azma
-
بہو چیو زیانگ تفریحی ویب سائٹ
-
Socio-economic uplift of Balochistan top priority of govt: PM
-
PPP to raise illegal appointments in NAB with parliament
-
Pakistan, Ukraine to sign investment agreement
-
Nawaz draws UN attention towards Indian atrocities in Kashmir
-
Woman gunned down in Karachi
-
مہجونگ روڈ آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
فن فاریسٹ ایپ گیم ڈاؤن لوڈ
-
EVO Online آفیشل ڈاؤن لوڈ گائیڈ
-
جی ای ایم الیکٹرانکس آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی مکمل تفصیلات