اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان چين جي سفير يائو جنگ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کانسواءِ خطي، علائق??ئي ۽ ع??لمي نوعيت جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي چين جي سفير يڪجهتي جو اظهار ڪندي چين ??ي حڪومت طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪر??ئي ۽ چيو ته ڪورونا وائرس سبب درپيش مسئلي تي چين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، سينيٽ چيئرمين چين جي ماهرن جي وفد جي تازي دوري کي انته??ئي مفيد قرار ڏنو ۽ چيو ته ماهرن ۽ ميڊيڪل پروفيشنلز پاڪستان جي طبي ماهرن ۽ عملي کي پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻن ۾ مدد ملندي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ