اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ترڪمانستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو، پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قيادت ڪئ??. ترڪمانستان پاران وفد جي قيادت ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف ڪئ??. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيا?? موجب ڌرين پاڪستان ترڪمانستان جي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو جن ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي تعاون، رابطن ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل آهن. هنن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي قيادت جي سطح تي اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي وڌيڪ وڌ??ئڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين چيو ته ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي طريقيڪار کي پڻ مضبوط ڪنداسين. ٻنهي ڌرين سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ وڌ??ئڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، رابطن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترجيحي شعبن ۾ ويجها اقتصادي رابطا وڌ??ئڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين تاپي پائيپ لائين ۽ تاپ TAP بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي من??وب?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي حقيقي صلاحيت موجب ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌ??ئڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هنن ان سلسلي ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن جي سهولت لاءِ ويزا نظام کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيا?? موجب ڌرين ٻطرفي پارلياماني رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي وظيفن بشمول سفارتڪارن جي تربيت ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌ??ئڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻئي ملڪ گڏيل قومن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي ترتيبات ۾ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. افغانستان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي.
متعلقہ مضامین
-
Bilour criticises commercialisation of industrial plots in Peshawar
-
Masood Khan elected AJK president
-
CTD given power to monitor Fourth Schedule suspects in Punjab
-
Nawaz-led govt to clip wings of regulatory authorities
-
Crypto Gold App Game Official Website
-
فارچیون ٹائیگر آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ کا مکمل گائیڈ
-
Baccarat آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل گائیڈ
-
موئے تھائی چیمپئن آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
لائیو کیسینو آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ: تفریح اور جیت کا بہترین پلیٹ فارم
-
Tikigotti Integrity Entertainment Link کا تعارف اور اس کی خصوصیات
-
لاٹری سٹی انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ ویب سائٹ: تفریح اور کامیابی کا بہترین پلیٹ فارم
-
لائیو کیسینو آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ: تفریح اور جیت کا بہترین پلیٹ فارم